چوڪ ملڪ امان

چوڪ ملڪ امان: چوڪ ملڪ امان، ٺٽي جي ڀائي خان محلي ۾ هوندو هو. ڪتاب ’ڳالهيون وڻن ڳوٺن جون‘ ۾ پير حسام الدين شاهه راشدي لکي ٿو ته: ’چوڪ ملڪ امان‘، هڪ ترخان گهراڻي جي امير ملڪ محمد امان جي نالي سان مشهور هو. ملڪ محمد امان، ميرزا جاني بيگ ترخان جي اميرن مان هڪ هو ۽ جنهن جي نسبت سان هن چوڪ کي ’چوڪ ملڪ امان‘ ڪري سڏيندا. نالي جي تڪڙي اچارڻ سبب لفظ ’امان‘ مان ’الف‘ خذف ٿي ويو. جنهنڪري اهو ’چوڪ ملڪ مان‘ سڏجڻ ۾ آيو. شايد ملڪ امان جو گهر انهيءَ چوڪ جي ويجهو هو، جنهنڪري چوڪ جي ڏانهنس نسبت ٿي. پير شاهي ٺٽي جو وڏو مشائخ هو ۽ 963هه/1556ع ۾ گوا جي عيسائين هٿان شهيد ٿيو. پير شاهيءَ کي انهي چوڪ جي سامهون دفن ڪيو ويو، جتي دفن ٿيو اهو ئي سندس گهر هوندو هو. اهو چوڪ مير علي شير قانع ٺٽويءَ جي ڏينهن (1181هه 1767ع) تائين موجود هو.


هن صفحي کي شيئر ڪريو